خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

ڪراچي ۾ شيعه تنظيمن پاران فلسطين تي اسرائيل جي قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شيعه تنظيمن پاران فلسطين تي اسرائيل جي قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو. ان ڏس ۾ آزادي القدس تحريڪ پاران ڪراچي ۾ نمائش چورنگي کان فلسطين جي حمايت ۾ مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جن وٽ فلسطين، حزب الله، حماس جا جهنڊا ۽ محبوب اڳواڻن جو تصويرون هيون. يوم القدس جي موقعي تي اڳواڻن خطاب ۾ چيو ته دنيا ۾ جاري بربريت، ظلم جي اهم سبب امريڪا ۽ اسرائيل آهن، فلسطين ۾ اسرائيل 70 سالن کان انسانيت جي تذليل ڪري رهيو آهي، انسانيت جي قتل و غارت ذريعي پنهنجي ناجائز رياست کي تسليم ڪرائڻ خاطر انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي ڪري رهيو آهي ان باوجود اقوام متحده خاموش تماشائي بڻيل آهي، او آئي سي کان امت مسلمه مايوس ٿي چڪي آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسرائيل جو ناپاڪ وجود امن عالم لاءِ خطرو آهي، سندس ناجائز وجود کي ڪو به غيرت مند انسان تسليم نه ڪندو.