خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ اشتهاري ڀتون ڪِرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ اشتهاري ڀتون ڊاهڻ جو حڪم ڏيندي هاڻي اشتهاري مقصدن لاءِ ڀتون ٺاهڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ شهر ۾ اشتهاري ڀتون ٺاهڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته شهر خاص ڪري ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ ڀتون ٺاهيون پيون وڃن، ايف ٽي سي سامهون ڀت ٺاهي شهر جي خوبصورتي کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ هنڌ هنڌ تي اهڙيون ڀتون ٺاهيون پيون وڃن. چيف جسٽس ٻڌڻي دوران ڪراچي ڪنٽومينٽ بورڊ جي سي اي او کي طلب ڪيو ۽ پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ته ڪنهن اهڙيون ڀتون ٺاهيون؟ سي اي او ڪراچي ڪنٽومينٽ عدالت کي ٻڌايو ته ڪجهه ڀتون دفاعي مقصدن لاءِ ٺاهيون ويون، ڪنٽومينٽس اشتهاري ڪمپنين کي نوٽيس جاري ڪيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته نوٽيس سان ڪجهه نه ٿيندو، ڪارروائي ڪريو. عدالت شارع فيصل سميت سمورن شاهراهن تان اشتهاري ڀتون ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان حوالي سان 10 ڏينهن اندر رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.