خمیس 18 آڪٽومبرر 2018ع

افغان طالبان پاران عيد تي 3 ڏينهن جنگ بندي جو اعلان: جرمن نشرياتي ادارو

ويب ڊيسڪ: ڪابل: افغان طالبان عيدالفطر جي موقعي تي ملڪي سيڪيورٽي فورسز ۽ اتحادي دستن خلاف ٽي ڏينهن جنگ بندي جو اعلان ڪيو آهي. جرمن نشرياتي اداري مطابق طالبان طرفان جاري هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان وقفي کانپوءِ پرڏيهي فوج خلاف عسڪري ڪارروائيون بحال ڪيون وينديون. طالبان وڌيڪ چيو آيه ته ان جنگ بندي دوران ڪنهن به حملي خلاف طالبان پنهنجو دفاع ڪندو. طالبان ان ٽن ڏينهن جي جنگ بندي جي اعلان کان اڳ افغان صدر اشرف غني به طالبان خلاف هڪ هفتي جي فائربندي جو اعلان ڪيو هو. واضح رهي ته 2001ع ۾ آمريڪا جي قيادت ۾ افغانستان تي فوج ڪشي کان پوءِ هي پهريون موقعو آهي ته طالبان عيد جي موقعي تي جنگ بندي جو اعلان ڪيو آهي.