سومر 19 نومبر 2018ء

پي ايس پي جو اڳواڻ ۽ سينيٽر محمد علي بروهي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) پاڪ سرزمين پارٽي جو اڳواڻ ۽ سينيٽر محمد علي بروهي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته سال 2018 جي اليڪشن ۾ ڪراچي جي نتيجا مختلف هوندا، ڪالهه بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾ پي ايس پي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيندڙ سينيٽر محمد علي بروهي وقار مهدي ۽ راشد رباني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته فاروق ستار جيڪو ڌانڌلين جو الزام هنيو آهي ان جو جواب به هو پاڻ ڏيندو، هاڻ پهرين ڀيرو ووٽر آزادي سان پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا، هن چيو ته نگران حڪومت چونڊن تي اثر انداز نه ٿي سگهندي، پولنگ اسٽيشنون هڪ سياسي پارٽي لاءِ ٺاهيون ويون آهن، ان ڪري اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته اهو پولنگ اسٽيشنون درست جاءِ تي قائم ڪيون وڃن، سعيد غني چيو ته جتي وڌيڪ اميدوار هوندا آهن، اتي مشڪلاتون به وڌيڪ هونديون آهن، لياري مان پارٽي چيئرمين پاڻ چونڊ وڙهي پيو، لياري ۾ ٽڪيٽن تي جن جا به خدشا آهن انهن سان ڳالهيون ڪنداسين، بلديا ڏکڻ جي ميمبرن سان ملي خدشا ختم ڪيا ويندا.