آچر 19  آگسٽ 2018ع

حڪومت جو پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جو فيصلو: ذريعا

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن جي تعين لاءِ ناڻي واري وزارت ڏانهن موڪليل سمري وزير اعظم سيڪريٽريٽ ۾ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين ۾ واڌ نه ڪرڻ سان معيشت کي روزاني هڪ ارب 90 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، پيٽروليم شين جي ڪري ٿيل نقصان کي نه روڪيو ويو ته معيشت تي ناڪاري اثر پوندا.