جمعو 14 ڊسمبر 2018ء

پاڪستان ريلوي پاران عيد تي سينيئر شهرين لاءِ مفت سفر جو اعلان

ويب ڊيسڪ: لاهور: پاڪستان ريلوي پاران عيد جي پهرين ۽ ٻئين ڏينهن تي سينيئر شهرين لاءِ مفت سفر جو اعلان ڪيو ويو آهي، ترجمان ريلوي مطابق عيد جي پهرين ۽ ٻئين ڏينهن تي سينيئر شهرين لاءِ مفت سفر جو فيصلو ريلوي جي وزير روشن خورشيد جي هدايت تي ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ 65 سالن جي عمر يا وڌيڪ عمر جي شهري کي سڀني ريل گاڏين جي ڪلاسن ۾ مفت سفر ڪري سگهي ٿو.