آچر 19  آگسٽ 2018ع

آسٽريا ۾ مسجدن جي بندش اسلام مخالف قدم آهي: ترڪ صدر

انقره ( ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان آسٽريا ۾ پرڏيهي امداد تي دارومدار ڪندڙ ستن مسجدن کي بند ڪرڻ واري فيصلي کي اسلام مخالف قرار ڏنو آهي .ميڊيا رپورٽن مطابق آسٽريا ۾ پرڏيهي امداد تي هلندڙ ستن مسجدن کي بند ڪرڻ ۽ انهن مسجدن سان لڳاپيل امامن کي ملڪ بدر ڪرڻ واري فيصلي خلاف ڪاروائي ڪرڻ تي زور ڏيندي ان کي اسلام مخالف قرار ڏنو آهي .استنبول ۾ ريلي خطاب ڪندي ترڪ صدر جو چوڻ هو ته هن کي خدشو آهي ته آسٽريا جي چانسلر جو اهو فيصلو دنيا کي جنگ طرف راغب ڪندو .