آچر 19  آگسٽ 2018ع

آئين ٽوڙيندڙ کي ”ويلڪم“ ۽ منهنجو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو پيو وڃي: نواز شريف

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف پرويز مشرف تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته آئين ٽوڙيندڙ کي ويلڪم ڪيو پيو وڃي ۽ منهنجو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف جو چوڻ هو ته آئين ٽوڙيندڙ ۽ ملڪ ۾ دهشتگردي پيدا ڪندڙ کي ويلڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن پاڪستان کي اونداهيءَ مان ڪڍيو، ائٽمي قوت بڻايو، ان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.