آچر 19  آگسٽ 2018ع

سنڌ ۾ مختلف پارٽين طرفان مخصوص سيٽن لاءِ اميدوارن جا نالا صوبائي اليڪشن ڪميشن حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کانپوءِ جي ڊي اي، ن ليگ، تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم به مخصوص سيٽن لاءِ اميدوارن جا نالا صوبائي اليڪشن ڪميشن حوالي ڪري ڇڏيا آهن. جي ڊي اي پاران سنڌ اسيمبلي لاءِ 10 نالا جمع ڪرايا ويا آهن، جن ۾ نصرت سحر عباسي، نسيم راڄپر، فوزيا بانو، روبينا ملاح، ثمينا نسرين محمود، فرح ناز، ناهيد خان ايڊووڪيٽ، ڪويتا، پونم، شهناز پروين شامل آهن. جي ڊي اي پاران قومي اسيمبلي لاءِ طاهره بانو وساڻ، لبنا لوڌي، فهميده مرزا، مهتاب اڪبر راشدي، ناهيد خان، راونتي ۽ مهناز شيخ جا نالا اليڪشن ڪميشن حوالي ڪيا ويا آهن. تحريڪ انصاف پاران سنڌ اسيمبلي جي مخصوص سيٽن لاءِ سدرا عمران، ڊاڪٽر سيما ضياءَ، رابعا اظهر، دعا ڀٽو، اديبا عارف، سفيا بلوچ، ناهيد خاور، فضا ذيشان، شاهينا آپا، ڊاڪٽر شگفتا ناز، سيما شيخ، ڪنور رانداوا، دُرگا ناز، حسينا، ذرڪا ناز، جا نالا ڏنا ويا آهن. تحريڪ انصاف پاران اقليتن جي سيٽن لاءِ ڊاڪٽر سنجي دنگواڻي، ديوان، مرهندر ڪمار، ڀڳوانداس ڀيل، الو مل، هيمو، سنتوش ڪمار، ڪلديپ ڪمار، پرڪاش لال ۽ اوم پرڪاش جا نالا شامل آهن. ن ليگ پاران قومي اسيمبلي لاءِ سورٺ ٿيٻو، زاهده ڀنڊ، مختيار ناز ڌاريجو، شميم اختر راڄپر، سيده نشاد فاطمه ۽ نيلم ڪماري جا نالا اليڪشن ڪميشن حوالي ڪيا ويا آهن. ن ليگ پاران سنڌ اسيمبلي لاءِ سورٺ ٿيٻو، زاهد ڀنڊ، مختيار ناز، شميم اختر راڄپر، ڊاڪٽر عظمه ڪلثوم ۽ شوڪت علي شامل آهن، جڏهن ته ن ليگ اقليتن جي سيٽن تي صرف مهيش ڪمار جو نالو ڏنو آهي.