جمعو 14 ڊسمبر 2018ء

ڪراچي: سائيٽ پوليس ڪارروائي ڪري ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سائيٽ پوليس ڪارروائي ڪري ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس پي سائيٽ آصف ٻگهيو جو چوڻ آهي ته ٽنهي دهشتگردن جو تعلق لياري گينگ وار جي عذير بلوچ گروپ سان آهي. دهشتگرد قتل، اغوا، ڦر ۽ ڀتا خوري جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهن. سائيٽ پوليس پاران ڪارروائي ڪري دهشتگرد عمران، شڪيل ۽ شعيب کي گرفتار ڪيو ويو.