جمعو 22 جون 2018ع

اڄ جي اخبار


سوڀ جا مک مضمون


نواز شريف جو 2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ جو ڇا ٿيو؟

چيني ماڊل ۽ پاڪستان

ٽرمپ اتر ڪوريا سان ٻيهر ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضي

سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان محرومي ڇو؟

ايس بي سي اي جي 11 سؤ ملازمن جون نوڪريون بچائڻ وارو واکاڻ جوڳو قدم

ڪشن گنگا ڊيم، پاڪستان لاءِ واٽر بم

شوبز جون خبرون


ٽي وي ۽ ٿيٽر جي مشهور اداڪار جميل فخري جي 7 ورسي ملهائي وئي
Generic placeholder image
رنوير سنگهه جي ڀارتي گاني” ليلا مين ليلا “ تي ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊي تي وائرل
Generic placeholder image
فلم ”ٽوالٽ ايڪ پريم ڪٿا “چين ۾ 8 جون تي ريليز ڪئي ويندي
Generic placeholder image
اداڪاره ميرا عتيق الرحمان جي گهر واري آهي، عدالت 9 سالن کان پوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
Generic placeholder image
سلمان خان، انيل ڪپور، جيڪولين فرنينڊس جي فلم ” ريس 3“ جي ممبئي ۾ اشتهاري مهم
Generic placeholder image

سوڀ ميڊيا گروپ

نگران وفاقي حڪومت لوڊشيڊنگ بابت ڪوتاهي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: نگران حڪومت لوڊشيڊنگ جو ذميوار هئڻ جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران سڌ سماءَ واري وزير علي ظفر چيو ته شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو. هن چيو ته بجلي ٽن مرحلن ۾ عوام تائين پهچندي آهي، بجلي جي پيداوار، ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن مرحلا آهن. سندس چوڻ هو ته لوڊشيڊنگ جا ڪيترائي سبب آهن، جڏهن ته وٽن 28 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. علي ظفر چيو ته لوڊشيدنگ جا چار سبب آهن ، پهريون سبب فني خرابي ۽ ٻيو وري پاڻي جي کوٽ آهي، ڪجهه پلانٽ خراب ٿي ويندا آهن، ، ڊيمن ۾ پاڻي گهٽ ٿي ويندو آهي. هن چيو ته وڌ کان وڌ 21 کان 22 هزار ميگا واٽ بجلي ٺاهي سگهجي ٿي. سندس چوڻ هو ته جون ۾ بجلي جي طلب 23 کان 24 هزار ميگا واٽ آهي. علي ظفر چيو ته اسان جو مئنڊيٽ آهي ته ڪنهن به قسم جي الزام تراشي نه ڪئي ويندي، اسان اليڪشن ڪرائي هليا ويندا آهن. نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر چيو ته پئٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافو هڪ فارمولي تحت ٿيندو آهي. هن چيو ته تيل جي قيمتن جو هڪ جامع نظام موجود آهي. سندس چوڻ هو ته تيل جا اگهه عالمي منڊي سان ڳنڍيل آهن، ڪا به حڪومت هجي تيل جي اگهن ۾ گهٽ وڌائي ڪرڻي پوندي آهي.