سومر 19 نومبر 2018ء

پوليس ۾ شامل ڪارين رڍن کي برداشت نه ڪيو ويندو: آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ پوليس امجد جاويد سليمي چيو آهي ته پوليس ۾ شامل ڪارين رڍن کي برداشت نه ڪيو ويندو، پوليس جو ڪم امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ آهي. ڪراچي ۾ ڪالهه پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ پوليس امجد جاويد سليمي چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پوليس ڀرپور نموني سان ڪردار ادا ڪندي.