خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

سني تحريڪ 20 نقاطي چونڊ منشور جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سني تحريڪ 20 نقاطي چونڊ منشور جو اعلان ڪري ڇڏيو، سني تحريڪ جي سربراھ چيو آهي ته ڪاميابي بعد انصاف، معياري صحت ۽ تعليم جون سهوليتون ڏئي عوام جي معاشي تنگي مان ٻاهر ڪڍيو ويندو. قانون سڀني لاءِ برابر هوندو. ان حوالي سان ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سُني تحريڪ پاڪستان جي سربراھ ثروت اعجاز قادري چونڊ منشور جاري ڪندي چيو آهي ته سُني تحريڪ عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻڻ کان پوءِ مُلڪ مان غربت ختم ڪئي ويندي. ۽ شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ موبائل ڊسپنيسرين شروع ڪيون وينديون عوام کي سندن درن تي ئي صحت جون معياري ۽سستيون سهوليتون ملنديون. مُلڪ ۾ اهڙو نظام لاڳو ڪيو ويندو جنهن سان سڀني کي هڪ جهڙو انصاف ملي ۽ قانون جو استعمال سڀني لاءِ هڪ جهڙو ڪيو ويندو. هن چيو ته مُلڪ جي چئني صوبن ۾ تعليم جي بهتري لاءِ قدم کنيا ويندا. معياري تعليم ڏئي پاڪستان جو مستقبل روشن بڻايو ويندو.