آچر 18 نومبر 2018ء

شاهد خاقان، خواجه آصف ۽ فردوس عاشق کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ملي وئي

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: اليڪشن ٽربيونلز اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ن ليگي اميدوار خواجا آصف ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ جي خلاف داخل اپيلون رد ڪندي کيس اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل اپيليٽ ٽربيونل شاهد خاقان عباسي جي نامزدگي ڪاغذن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن جي دوران سندس وڪيل دليل ڏنا. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نامزدگي ڪاغذ حلف نامو اڻپورو ٿيڻ تي رد ڪيو ويو جڏهن ته رٽرننگ آفيسر پنهنجن اختيارن سان تجويز ڪندي فيصلي ۾ لکيو ته حلف نامو نه ڀريو ويو. ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته مون جيڪو سڀ کان بهتر سمجهيو اهو جواب ڏنو، تڪ ۾ رستا ٺاهڻ، وفاقي، صوبائي ۽ مقامي حڪومتن جو ڪم آهي، اهي سروس ايم پي اي يا ايم اين اي جي ناهي ۽ منهنجي نظر ۾ سڀ کان وڏي سروس اها ئي آهي جو ڪڏهن آمريت سان نه مليس ۽ جمهوريت جي خدمت ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون تڪ ۾ پنهنجو وقار بلند رکيو ۽ ڪڏهن غير جمهوري طاقتن سان نه مليس، عوام کي حق ڏنا ته هو اميدوار کي رد ڪن نه ٿه ريٽرننگ آفيسر کي. جنهن کانپوءِ اپيليٽ ٽربيونل شاهد خاقان عباسي خلاف ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اسلام آباد جي اليڪشن ٽربيونل اي اي 53 اسلام آباد تان ئي عائشا گلالئي ۽ مهتاب عباسي کي به اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سيد شهباز رضوي تي ٻڌل اپيليٽ ٽربيونل خواجا آصف ۽ فردوس عاشق اعواڻ جي نامزدگي ڪاعذن جي منظوري خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. اپيليٽ ٽربيونل سيالڪوٽ جي تڪ اين اي 73 تي ن ليگي اميدوار خواجا آصف جي خلاف داخل درخواست ٻڌڻي نه ٿيڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي. ٽربيونل ڌرين جي وڪلين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ گذريل ڏينهن محفوط ڪيل فيصلو جاري ڪري ڏيو جنهن ۾ خواجا آصف کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.