جمعو 21  سيپٽمبر 2018ع

ٽن گورنر هائوسز ۾ مسلم ليگ ن جي چونڊ مهم هلي رهي آهي، جنهن کي بند ڪيو وڃي: ياسمين راشد

ويب ڊيسڪ: لاهور: تحريڪ انصاف اڳواڻ ياسمين راشد چيو آهي ته ٽن گورنر هائوسز ۾ مسلم ليگ ن جي چونڊ مهم هلي رهي آهي، جنهن کي بند ڪيو وڃي، مريم نواز جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض ڪيا جيڪي ٻڌا ئي نه ويا، ٻيهر چئلينج ڪنداسين. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ياسمين راشد چيو ته شهباز شريف کي 19 گاڏين جو پروٽوڪول ڪهڙي حيثيت ۾ ڏنو ويو آهي، هو ٻڌائي ته ڪنهن جي خانگي جهاز ۾ ڪراچي ويو؟ هن چيو ته ترقي جا دعويٰ ڪندڙ جواب ڏين، 400 ڪروڙ رپين جي صاف پاڻي پراجيڪٽ مان هڪ ڦڙي به پاڻي نه ڏنو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته 29 هزار غير تصديق ٿيل ووٽ ٻيهر شامل ڪيا ويا آهن، اسان جو مطالبو آهي ته گورنر هائوسز کي بند ڪيو وڃي. ياسمين راشد چيو ته مريم نواز جون پرڏيهه ۾ ملڪيتون آهن سندس نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض ڪيا جيڪي ٻڌا ئي نه ويا، اسان اعتراضن کي ٻيهر چئلينج ڪنداسين. هن چيو ته چيف جسٽس کي درخواست آهي ته معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي.