اربع 21 نومبر 2018ء

اليڪشن ڪميشن طرفان پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي فنڊز جي جاچ پڙتال جو معاملو ڪميٽي ۾ موڪلڻ جي آجيان ڪيون ٿا: پي ٽي آئي

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي فنڊز جي جاچ پڙتال جو معاملو ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ جي آجيان ڪئي آهي. اڱاري ڏينهن پي ٽي آئي جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمنٽ مطابق پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان ٻنهي پارٽين جي مالي معاملن کي ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ جي آجيان ڪيون ٿا. هن چيو ته ٻنهي پارٽين جي فنڊنگ ۾ هير ڦير آهي.