سومر 19 نومبر 2018ء

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 3 جولاءِ تي مرزا قليچ بيگ جي ورسي تقريب ٿيندي

ويب ڊيسڪل ڄامشورو : سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مشهور عالم شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي 89هين ورسيءَ جي موقعي تي اڱارو 3 جولاءِ تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي مرزا قليچ بيگ چيئر طرفان سنڌي شعبي جي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هال ۾ صبح جو 11 وڳي ورسي تقريب منعقد ٿيندي، جنهن ۾ سنڌ جا نامور عالم، اسڪالر ۽ اديب مرزا صاحب جي شخصيت ۽ علمي ادبي خدمتن تي روشني وجهندا ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪندا. ان موقعي تي چيئر پاران شايع ڪرايل مرزا صاحب جي ٽن ڪتابن جي مهورت پڻ ڪئي ويندي. چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا طرفان علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙن کي تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني ويئي آهي.