سومر 19 نومبر 2018ء

سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل خانگي ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس ۾ سيمسٽر امتحانن جا فارم جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري

ويب ڊيسڪ: ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل خانگي ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس جي بي سي آءِ ٽي پارٽ ٻئي ۽ ٽئين، بي ايس آءِ ٽي، بي ايس (سافٽ ويئر) پارٽ ٻئي، 4 سالا بي بي اي (آنرس) پروگرام پارٽ ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين، چار سالا ايم بي اي پروگرام پارٽ ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين ۽ 2 سالا ايم بي اي (آنرس) پروگرام (چار سالا بي بي اي آنرس کانپوءِ) پارٽ ٻئي جي پهرئين سيمسٽر بئچ 2018ع، جڏهن ته 2 سالا ايم بي اي (ايوننگ- 6 سيمسٽر) پروگرام سال 2018ع جي سيمسٽر امتحانن جا فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ بنا ليٽ فيءَ جي 17 جولاءِ 2018ع مقرر ڪئي ويئي آهي، جڏهن ته 18 کان 20 جولاءِ تائين 5000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهبا. هڪ ٻي پڌرائيءَ مطابق يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل خانگي ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس ۾ بي بي اي (آنرز) پارٽ ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين، 4 سالا ايم بي اي پروگرام پارٽ ٻئي ۽ ايم بي اي آنرز (بي بي اي آنرز کان پوءِ) جي سيڪنڊ سيمسٽر امتحان سال 17-2016ع جي اميدوارن کي صلاح ڏني ويئي آهي ته اُهي پنهنجي انٽرنشپ، ريسرچ پروجيڪٽ، ٿيسز ۽ زباني امتحان جي في مبلغ 800 رپيا 10 جولاءِ 2018ع تائين پنهنجي ڪاليج يا انسٽيٽيوٽ جي معرفت جمع ڪرائين. جڏهن ته ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس جي پرنسپالن ۽ ڊائريڪٽرن کي چيو ويو آهي ته اهي جمع ٿيل فيءَ جا چالان اميدوارن جي حتمي لسٽ سميت ڪنٽرولر آفيس ۾ جمع ڪرائين.