سومر 19 نومبر 2018ء

جيئن لاهور پنجاب، ڪوئيٽا بلوچستان، پشاور خيبرپخونخواهه آهي ائين ڪراچي سنڌ آهي: اياز لطيف پليجو

ويب ڊيسڪ: حيدرآباد: گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي جنرل سيڪريٽري اياز لطيف پليجي پي ايس 62 قاسم آباد گدو چونڪ، چانڊيا ڳوٺ ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو ۽ گڏجاڻيون ڪيون. ان موقعي تي هن چيو ته جيئن لاهور پنجاب آهي، ڪوئيٽا بلوچستان آهي، پشاور خيبرپخونخواهه آهي، ائين ڪراچي سنڌ آهي. هزارين سالن کان سنڌين جو وطن آهي، ڪراچي ۾ ويهي باقي ضلعن کي اندرون سنڌ چوندڙ نفرتون پوکي رهيا آهن. اردو، پنجابي، سرائيڪي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن، جن نفرت جي سياست ڪئي اهي تاريخ ۾ دفن ٿي چڪا آهن. هن چيو ته دهشتگردي، انتهاپسندي، تعليم، صحت جي تباهي ۽ کنڊر ٿيل روڊ، ڳوٺ ۽ شهر ڏسي اندر روئي ٿو. ان کان وڌيڪ ان وقت تڪليف ٿئي ٿي، جڏهن ماڻهو ڪرپشن خلاف آواز اٿارڻ بدران خاموش رهن ٿا. وڏيرن اربين رپيا لٽي ماڻهن کي خاموش رکڻ لاءِ تعزيتن، شادي دعوتن ۾ پوا ڏيڻ ۽ نوڪرين جي ڪوڙين لسٽن ۾ نالا لکڻ جو ڪلچر وڌو آهي.