اربع 21 نومبر 2018ء

ٽي ملڪ سيريز: پاڪستان زمبابوي کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ويب ڊيسڪ: هراري: ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان مساڪاڊزا اليون کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ته ميزبان ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 162 رنسون ٺاهيون. گرين شرٽس هدف 3 وڪيٽن جي نقصان تي آخري اوور ۾ حاصل ڪيو، هدف حاصل ڪرڻ ۾ اوپنر فخرالزمان ۽ حارث سهيل ٽيم کي جارحاڻي شروعات فراهم ڪئي ۽ پهرئين وڪيٽ تي 58 رنسون جوڙيون هيون ته حارث سهيل 16 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو. فخرالزمان به هڪ ڇڪي ۽ چئن چوڪن جي مدد سان 38 بالن تي 47 رنسون ٺاهي سولومن مائر جو شڪار بڻجي ويو. ٽئين وڪيٽ تي ڪپتان سرفراز احمد ۽ حسين طلعت 43 رنسن جي حصيداري قائم ڪئي ۽ ٽيم جو مجموعي اسڪور 138 رنسن تائين پهچايو ته حسين طلعت 44 رنسون ٺاهي پوييلين واپس هليو ويو. سرفراز احمد 38 ۽ شعيب ملڪ 12 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا، زمبابوي کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ قومي ٽيم ٽي ملڪي سيريز جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.