ڇنڇر 21 جولائي 2018ع

سپريم ڪورٽ طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: سپريم ڪورٽ طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. نجي ٽي وي مطابق سپريم ڪورٽ ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو آهي، عدالت فيصلي واري ڏينهن طلال چوڌري کي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ 15 مارچ تي طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار تي فرد جرم لاڳو ڪندي کيس چارج شيٽ جاري ڪئي هئي.