اربع 26  سيپٽمبر 2018ع

اقتدار ۾ رهندڙ ماڻهن کان پهريون دفعو پڇاڻو ٿي رهيو آهي: نيب چيئرمين

ويب ڊيسڪ: ڪوئيٽا: قومي احتساب بيورو(نيب) جي چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته اقتدار ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهو پهريون ڀيرو جاچ کي منهن کي ڏئي رهيا آهن. ڪوئيٽا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته نيب جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي اهو ڪنهن انتقامي ڪاروائي جو حصو ناهي ۽ نيب کي چونڊن ۾ رنڊڪ وجهڻ جي به ضرورت ناهي، ان جو نيب سان ڪو به واسطو ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ڪجهه ڪيو آهي ته ان کان پڇاڻو ڪيو ويندو، ان کي سياست نه چيو وڃي، نيب جون سرگرميون جهاد ۽ عبادت جي زمري ۾ اچن ٿيون. نيب چيئرمين جو چوڻ هو ته اقتدار ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهن کان پهريون دفعو پڇاڻو ٿي رهيو آهي، اسان وٽ ڪيترائي ارباب اختيار اهڙا هئا جن ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچو هو ته هنن کان رقم بابت پڇاڻو ڪيو ويندو ۽ جڏهن پڇاڻو ڪيو ويو ته ڪنهن چيو ته وڏو وزير هيس ۽ ڪنهن چيو هو ناڻي وارو وزيرهو. کين آرام سان سمجهايو ويو ته هاڻ مغل دور گذري چڪو آهي، هاڻ هنن جو حڪم نٿو هلي سگهي، هاڻ توهان جو هر حڪم عوام جي بهتري لاءِ هئڻ گهرجي. جاويد اقبال چيو ته آخر ڪيستائين اسان جانورن جيان زندگي گذارينداسين، ڪرپشن ناسور ڪينسر آهي. هن چيو ته نيب ڪنهن قسم جي سياست ۾ ملوث نه هئي ۽ نه ٿيندي، اهڙن ماڻهن طرفان هٿ ٺوڪيا الزام لڳايا ويا جن کي اهو پسند ناهي ته نيب ايتري بااختيار به ٿي سگهي ٿي ۽ سندن اکين ۾ اکيون وجهي پڇاڻو ڪري سگهي ٿي. ملڪ ۾ اهڙن ماڻهن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي هنن ستر ورهين کان ملڪ لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. نيب چيئرمين چيو ته نيب سبب ملڪ جو نظام بيهي ويو، اهو الزام سمجهه ۾ نٿو اچي، اڄ تائين اهڙو ڪو به قدم ناهي کنيو جنهن جا اثر ملڪ جي معيشت تي پيا هجن. چيئرمين نيب چيو ته ڪرپشن ۾ سمورا صوبا برابر جا شريڪ آهن، ڪو ڪنهن کان پوئتي ناهي، وسيلا بي دردي سان لٽيا ويا، نيب جي ڪوشش آهي ته قوم جو لٽيل پيسو واپس آڻي ملڪي عوام تي خرچ ڪري سگهجي . هن بلوچستان جي اڳوڻي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي جو ذڪر ڪندي چيو ته سندس گرفتاري ان سلسلي جي پهرين ڪڙي آهي، هي اُها دولت آهي جيڪا چوري نه پر بلوچستان جي وسيلن ۽ ناڻي تي تي ڌاڙو هڻي ٺاهي وئي، ان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.