ڇنڇر 21 جولائي 2018ع

واپاري قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن جي آن لائن اشتهاري مهم هلائي وڃي، سعودي ڪابينه منظوري ڏئي ڇڏي

ويب ڊيسڪ: رياض: سعودي ڪابينه واپار واري قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن جي آن لائن اشتهاري مهم جي منظوري ڏني اه.ي ميڊيا رپورٽن مطابق هن وقت تائين اشتهاري مهم جو دائرو مقامي اخبارن تائين محدود هو، خلاف ورزي ڪندڙن جي حقيقت معاشري ۾ آڻڻ لاءِ آن لائن تشهري مهم جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سعودي ڪابينه نوان اسڪول کولڻ لاءِ ضابطن جي منظوري ڏئي ڇڏي. خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جده جي قصر السلام ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي. واپار ۽ سيڙپڪاري واري وزارت واضع ڪيو ته اشتهاري مهم جي سزا هر ان شخص کي ڏني ويندي جيڪو قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ۽ ڄاڻندي معاشري تي نقصان پهچائيندو. واپاري جعلسازي جي روڪٿام سعودين جي نالي سان پرڏيهي جي ڪاروبار جي روڪٿام ۽ واپاري معلومات جي قانون جي خلاف ورزين تي پڻ آن لائن اشتهاري مهم هلائي ويندي.