خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

ويسٽ انڊيز، انگلينڊ ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ اڄ شروع ٿيندي

ويب ڊيسڪ: ڪنگسٽن: ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽين ميچن تي ٻفڌل سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ (اڄ) خميس کان ڪنگسٽن ۾ شروع ٿيندي. ميزبان ڪاري آنڌي کي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. ڪاري آنڌي بنگال ٽائيگرز کي پهرين ٽيسٽ ۾ يڪطرفه مقابلي کانپوءِ اننگز ۽ 219 رنسن تان شڪست ڏني هئي. بنگلاديش ٽيم پهرين اننگز ۾ 43 ۽ ٻي اننگز ۾ 144 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ٽيسٽ ۾ فتح کانپوءِ ميزبان رانديگرن جو مورال بلند آهي ۽ ٻي ٽيسٽ کٽڻ لاءِ بنگلاديش ٽيم پڻ آخري سيريز ۾ وائيٽ واش ڪرڻ لاءِ پُرجوش آهي.