ڇنڇر 21 جولائي 2018ع

آمريڪا جو افغانستان جي باري ۾ پنهنجي حڪمت عملي جو جائزو وٺڻ جو فيصلو

ويب ڊيسڪ: غزه: اسرائيلي بحريه غزه جي بندرگاهه کان يورپ طرف ويندڙ ٻيڙي پڪڙي ورتي آهي. ان ٻيڙي تي زخمي فلسطيني ۽ شاگرد سوار هئا ۽ هو اسرائيل جي ناڪابندي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. العربيه ٽي وي موجب ان ٻيڙيءَ کي غزه کان روانو ڪرڻ وقت ڪيترائي فلسطيني سامونڊي ڪناري تي موجود هئا جنهن تي ڪل 9 مسافر سوار هئا. انهن مان 4 احتجاجي مظاهري دوران اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيا هئا ۽ کين علاج لاءِ يورپ وڃي رهيا هئا پر غزه کان روانو ٿيندي ئي اسرائيلي بحريه ان ٻيڙي کي پڪڙي ورتو.