ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

شاهد آفريدي پاران مستونگ سانحي جي زخمين جي عيادت

ويب ڊيسڪ: ڪوئيٽا: اڳوڻو ڪرڪيٽر شاهد آفريدي مستونگ سانحي جي شهيدن جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمين جي عيادت لاءِ ڪوئيٽا پهتو، شاهدي آفريدي بلوچستان عوامي پارٽي جي شهيد اڳواڻ نواب زده سراج رئيساڻي جي وارثن سان تعزيت ڪئي جنهن کانپوءِ هو زخمين جي عيادت لاءِ سي ايم ايڇ پهتو.