سومر 19 نومبر 2018ء

جماعت اسلامي جي چونڊ جلسي دوران اسٽيج ڪري پيو، سراج الحق محفوظ

ويب ڊيسڪ: پشاور: مهمند ۾ جماعت اسلامي جي چونڊ جلسي دوران اوچتو اسٽيج ڪري پيو جڏهن ته سراج الحق سميت ٻيا اڳواڻ محفوظ رهيا. مهمند ۾ جماعت اسلامي جو چونڊ جلسو جاري هو ۽ اسٽيج تي جماعت اسلامي جو امير سراج الحق، صوبائي نائب امير مشتاق احمد خان سميت ٻيا ذميوار موجود هئا ته اوچتو اسٽيج ڪري پيو. اسٽيج ڪرڻ کانپوءِ اتي موجود ماڻهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته ٿوري ئي لمحي کانپوءِ اسٽيج تي ماڻهو بيٺا هئا ۽ ڪوبه زخمي نه ٿيو. جلسي جو انتظام ڪندڙن طرفان اسٽيج شادي هال جي دوران کائڻ لاءِ رکيل ميزن تي ٺاهيو ويو هو ۽ وڌيڪ اونچائي نه ٿيڻ سبب اڳواڻ محفوظ رهيا ۽ جلسي جي ڪارروائي جاري رکي وئي.