اربع 21 نومبر 2018ء

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ ڏينهن ۾ 4 رپيا سستو ٿي 128 کان 124 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ ڏينهن ۾ 4 رپيا سستو ٿي 128 کان 124 رپين جو ٿي ويو. ايڪسچينج ڪرنسي ايسوسيئيشن موجب اوپن مارڪيٽ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ ڊالر 128 رپين مان گهٽجي 124 رپين جو ٿي ويو آهي. ايڪسچينج ڪرنسي ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ظفر پراجا موجب عام چونڊن کانپوءِ ڊالر 6 رپيا سستو ٿي 130 مان ڪري 124 رپين تائين پهتو آهي.