ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

اسرائيلي فوج جي فائرنگ سان 2 فلسطيني شهيد، 307 زخمي

غزه: ڇنڇر 11 آگسٽ 2018ع: غزه سرحد تي احتجاج دوران اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ وڌيڪ 2 فلسطيني شهيد ۽ 307 زخمي ٿي پيا آهن. خابرو اداري موجب فلسطيني وزارت اسرائيلي حملي ۾ شهادتن ۽ زخمين جي تصديق ڪئي آهي. غزه سرحد تي هزارين فلسطيني پنهنجي زمين تي اسرائيلي قبضي خلاف مظاهرو ڪري رهيا آهن. جنهن تي اسرائيلي فوج فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ 2 فلسطيني شهيد ۽ 307 زخمي ٿي پيا. فلسطيني نوجوانن صهيوني اهلڪارن تي پٿراءُ پڻ ڪيو. اسرائيلي ٽينڪ حماس جي ٻن پوسٽن تي بمباري پڻ ڪئي.