خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

ڀارت جو اڳوڻو وزير اعظم اٽل بهاري واجپائي 93 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ويب ڊيسڪ: نئين دلي: ڀارت جو اڳوڻو وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي 93 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو. اٽل بهار واجپائي ڪيترن ئي هفتن کان گڙدن جي مرض ۾ مبتلا هو ۽ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. ڀارتي ميڊيا موجب اٽل بهاري واجپائي جي باقيات سندس رهائشگاهه ڪرشنا مينن مرگ منتقل ڪيون وينديون. اٽل بهار واجپائي جي خراب صحت سبب سندس پارٽي بي جي پي 19-18 آگسٽ تي ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو هو.