ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

امن لاءِ هر مسلمان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، اسلام ظلم ۽ زيادتي کي شدت سان ناپسند ڪري ٿو: امام شيخ حسن بن عبدالعزيز

مڪو شريف: ويب ڊيسڪ مسجد نبوي جي امام شيخ حسن بن عبدالعزيز آل الشيخ حج خطبو ڏيندي چيو آهي ته امن لاءِ هر مسلمان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، اسلام ظلم ۽ زيادتي کي شدت سان ناپسند ڪري ٿو، الله تعاليٰ خير جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. شيخ حسن بن عبدالعزيز آل الشيخ چيو ته پنهنجي پسديده شيءَ الله جي راهه ۾ قربان ڪيو ته جيئن سندس قرب حاصل ڪري سگهو، الله تعاليٰ خير جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، الله توبهه ڪندڙن کي بخشڻ وارو ۽ مهربان آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ چوري،تڪبر، چغل خوري کان روڪيو آهي، الله تعاليٰ مخلوق جو مذاق اڏائڻ کان روڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته تڪبر، غيبت ۽ اجائي تجسس کان بچو، مالي معاملن ۾ اسلامي اصولن کي نظر ۾ رکو، اسلام اهو رستو آهي جيڪو تمام گهڻو سڌو آهي. حج خطبي ۾ چيو ويو ته مسلمانن کي پنهنجي اخلاق سان ٻين کي متاثر ڪرڻو پوندو، معاشري جي امن لاءِ هر مسلمان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسلام ظلم ۽ زيادتي کي شدت سان ناپسند ڪري ٿو، قرآن پاڪ سڌي رستي تي وڃي ٿو، مسلمانن کي حڪمرانن جي فرمانبرداري اطاعت جو حڪم ڏنو ويو آهي، جوئا ۽ سٽي بازي کي حرام قرار ڏنو ويو آهي.