سومر 19 نومبر 2018ء

صدارتي چونڊون: مولانا فضل الرحمان شهباز شريف کي پ پ جي موقف کان آگاهه ڪري ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: مخالف ڌر جي گڏيل صدارتي اميدوار آڻڻ واري معاملي تي اتحاد ۾ اختلاف پئجي ويا آهن، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان ن ليگي صدر ميان شهباز شريف کي فون ڪري پيپلز پارٽي جي موقف کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق صدارتي اميدوار لاءِ پ پ پ پنهنجي اميدوار اعتزاز احسن جو نالو واپس وٺڻ کان انڪار ڪندي ن ليگ جو اعتراض رد ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ مولانا فضل الرحمان شهباز شريف کي فون ڪيو ۽ کيس صدارتي اميدوار جي حوالي سان پيپل پارٽي جي قيادت سان ٿيندڙ ملاقات بابت آگاهه ڪيو. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته آصف زرداري اعتزاز احسن جو نالو واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن شهباز شريف کي پنهنجي موقف تان پرڀرو ٿيڻ جي اپيل ڪئي. ذريعن مطابق مولانا فضل الرحمان پيپلز پارٽي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي پر شهباز شريف صدارتي اميدوار لاءِ پنهنجي پارٽي سان مشاورت لاءِ وقت گهري ورتو آهي.