اڱارو 18  سيپٽمبر 2018ع

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران جان مڪين جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آمريڪي سينيٽر جان مڪين جي وفات تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق پرڏيهي وزير آمريڪي سينيٽر جان مڪين جي وفات تي دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چيئرمين آرمڊ سروسز ڪميٽي جي حيثيت سان سينيٽر جان مڪين هميشه پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعميري سوچ جي حمايت ڪئي، پاڪستان ۾ ان جي کوٽ شدت سان محسوس ڪئي ويندي. هن چيو ته سينيٽر جان مڪين جون شاندار فوجي ۽ سماجي خدمتون آهن ۽ هو هڪ مهذب ۽ نفيس انسان طور آمريڪي سياست ۾ خاص مقام رکندو هو.