سومر 19 نومبر 2018ء

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جمهوريت جو عالمي ڏينهن 15 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو

لاهور (سوڀ نيوز) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جمهوريت جو عالمي ڏينهن 15 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد اهو آهي ته سڄي دنيا ۾ جمهوريت کي مستحڪم ڪيو وڃي ۽ ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏني وڃي. اهو ڏينهن پهريون ڀيرو 2008ع ۾ ملهايو ويو هو ۽ ان کان پوءِ اهو هر سال ملهايو ويندو آهي. اڪانومسٽ انٽيلي جنس يونٽ سڄي دنيا جي 167 ملڪن ۾ جمهوريت جي صورتحال جي حوالي سان جيڪا لسٽ تيار ڪئي آهي، ان موجب هن وقت جمهوري ملڪن ۾ ناروي پهرين، آئس لينڊ ٻئين ۽ سويڊن ٽئين نمبر تي آهي. ان لسٽ ۾ برطانيا جو نمبر 16 هون ۽ آمريڪا جو 20 هون اهي، لسٽ موجب دنيا جي 20 ملڪن ۾ مڪمل جمهوريت آهي.