خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

فلم ”سڙڪ ٽو“ جي شوٽنگ ايندڙ سال مارچ ۾ شروع ڪئي ويندي

ممبئي (سوڀ نيوز) بالي ووڊ فلم ”سڙڪ ٽو“ جي شوٽنگ ايندڙ سال مارچ ۾ شروع ڪئي ويندي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب سوشانت سنگهه راجپوت 1991ع ۾ ٺهندڙ فلم ”سڙڪ“ جو سيڪوئل ”سڙڪ ٽو“ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. فلم جي شوٽنگ ايندڙ سال مارچ ۾ شروع ڪئي ويندي. سوشانت سنگهه راجپوت تازو ئي فلم بابت ڳالهيون ڪرڻ لاءِ هدايت ڪار مهيش بٽ سان ملاقات ڪئي ۽ فلم بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.