اربع 21 نومبر 2018ء

سنڌ جي گورنر جي قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري، گلن جي چادر چاڙهي

ڪراچي(سوڀ نيوز) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل اڱاري جي ڏينهن صبح جو مزار قائد تي حاضري ڏئي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن واري ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس جڏهن ته ڪراچي ۾ جلد ئي پاڻي جو منصوبو شروع ڪيو ويندو هن چيو ته صوبي جي سمورين سياسي پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ چاهيان ٿو پوءِ اهي سياسي پارٽيون اسيمبلي ۾ هجن يا اسيمبلي کان ٻاهر هجن. هن چيو ته صوبي جي مسئلن بابت بريفنگ وٺندس، پاڻي جي مسئلي تي وزير اعظم ۽ ناڻي واري وزير سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي اسان پاڻي جو هڪ وڏو منصوبو آڻينداسين. هن چيو ته ڪراچي شهر ۾ سيوريج جا سمورا مسئلا حل ڪنداسين ۽ رڪيل منصوبن تي فوري طور تي ڪم شروع ڪنداسين گرين لائين ۽ ٻين منصوبن تي به بريفنگ وٺندس.