خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون علمي، ادبي، حوالي سان مثالي خدمتون آهن: ڊاڪٽر فتح محمد برفت

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر طرفان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي اهم تحقيقي ڪتاب “سنڌ: اسٽڊيز هسٽاريڪل” جو ٽيون ايڊيشن شايع ڪيو ويو آهي. اها اشاعت شاگردن، اسڪالرن ۽ استادن جي گهرج کي سامهون رکندي عمل ۾ آندي ويئي آهي. ان سلسلي ۾ سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري کيس شايع ٿيل ڪتاب پيش ڪيو، جنهن تي وائيس چانسلر تمام گهڻي سرهائيءَ جو اظهار ڪندي ڊاڪٽر مهيسر جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي حوالي سان مثالي خدمتون آهن. هن پنهنجي پوري ڄمار علم ادب لاءِ وقف ڪري ڇڏي. وسيع مطالعي سان گڏ هن سنڌ جي جهر جهنگ ۾ وڃي مشاهدا پڻ ڪيا ۽ انهن مشاهدن کي پنهنجي تحقيق جو حصو بڻايو، اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪاوشن ۾ انفراديت آهي. ڊاڪٽر برفت چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪتاب “سنڌ: اسٽڊيز هسٽاريڪل” سنڌ جي تاريخ بابت اهم تحقيقي ڪتاب آهي، جنهن مان شاگردن، اسڪالرن سميت تاريخ ۽ تحقيق سان دلچسپي رکندڙ سڀني ماڻهن کي ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن شايع ٿيڻ مان ان جي اهميت ۽ گھرج جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن قسم جا اهم ڪتاب لائبررين جي زينت هوندا آهن، جيڪي تحقيق جا نوان پاسا نروار ڪري محققن لاءِ اڳتي وڌڻ ۾ مددگار بڻجندا آهن.