سومر 19 نومبر 2018ء

آمريڪا پنهنجي بيان تي قائم آهي ته اسان به پنهنجي ڳالهه تي قائم آهيون: شاهه محمود قريشي

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه بابت آمريڪي پرڏيهي وزارت جي پريس رليز حقيقتن جي برعڪس قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا بيان تي قائم آهي ته اسان به پنهنجي ڳالهه تي قائم آهيون. گذريل ڏينهن آمريڪي پرڏيهي وزير طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو هو ته مائيڪ پومپيو وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن جي دوران هن پاڪستان ۾ سرگرم سمورن دهشتگردن خلاف پاڪستان طرفان فيصلائتي ڪارروائي جي اهميت تي زور ڏنو. جڏهن ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو وچ ۾ ٿيندڙ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه بابت جاري ڪيل آمريڪي بيان کي حيقيقتن جي منافي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو هو.