اڱارو 18  سيپٽمبر 2018ع

صدارتي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري، عارف علوي، اعتزاز احسن ۽ مولانا فضل الرحمان ۾ مقابلو ٿيندو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن صدارتي اميدوارن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن مطابق 4 سيپٽمبر تي ڊاڪٽر عارف علوي، اعتزاز احسن ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ مقابلو ٿيندو. سڄي ملڪ مان جمع ڪرايل 12 اميدوارن مان 4 ڄڻن جا نامزدگي ڪاغذ گذريل ڏينهن منظور ڪيا ويا، پر اڄ مولانا فضل الرحمان جو ڪورنگ اميدوار امير مقام صدارتي چونڊ تان هٿ کڻي ويو. اليڪشن ڪميشن مطابق صدارتي اميدوارن پاران نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جو اڄ آخري ڏينهن هو ۽ نامزدگي فارم جمع ڪرائيندڙ اميدوار امير مقام هٿ کڻي ويو. صدارتي چونڊ جي قانون مطابق نامزدگي ڪاغذ واپس نه وٺندڙ اميدوارن جي نالي سان بيلٽ پيپر ڇپرايا ويندا ۽ ان ريت صدارتي چونڊ جي ڊوڙ ۾ مخالف ڌر پارٽين جا 2 اميدوار ميدان ۾ هوندا.