جمعو 21  سيپٽمبر 2018ع

آمريڪا جي ڪا غلط ڳالهه نه مڃنداسين: وزير اعظم عمران خان

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سندس ٽيم کي ڪم لاءِ 3 مهينن جو وقت ڏنو وڃي پوءِ کلي تنقيد ڪريو. وزيراعظم عمران خان ٽي وي اينڪرز سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري به موجود هو. ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته تنقيد ضرور ڪريو ڊڄان نه ٿو پر تنقيد سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملتي ٿي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته گردشي قرض 1200 ارب تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ احتساب نه ٿيندو ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته نيب چيئرمين کي چيو آهي ته بنا فرق احتساب ڪيو وڃي، جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال کي چيو ته حڪومتي ميمبر ڪرپشن ۾ ملوث هجي ته ڪارروائي ڪريو. ٽي وي اينڪرز سان ملاقات ۾ عمران خان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بزدار جي کلي حمايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پنجاب جي وڏي وزير کي ٽي مهينا ڏيو، پوءِ ڪارڪردگي تي ڳالهايو، ميڊيا ٽن مهينن کانپوءِ کلي تنقيد ڪري. هيليڪاپٽر جي استعمال جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان وضاحت ڪئي ته عوام کي زحمت کان بچائڻ لاءِ هيليڪاپٽر جو استعمال ڪيو. پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته آمريڪا جي ڪابه غلط ڳالهه نه مڃي ويندي، آمريڪا سان وڙهي نه ٿا سگهون، انهن سان لاڳاپا بهتر ڪنداسين.