ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا

ويب ڊيسڪ: لاهور سميت پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، فيصل آباد، پاڪپتن، حافظ آباد، چنيوٽ، قصور، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، خانيوال ۽ ملتان سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، زلزلي جي جهٽڪن ۾ ايتري شدت هئي جو ماڻهو خوف ۾ وٺجي ويا ۽ گهر کان ٻاهر نڪري ڪلمي طيبه جو ورد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.