سومر 19 نومبر 2018ء

ڪنهن کي ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، اسان انصاف ڪرڻ لاءِ ويٺا آهيون: چيف جسٽس آف پاڪستان

ويب ڊيسڪ: ڪراچي: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪنهن کي به ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، اسان انصاف ڪرڻ لاءِ ويٺا آهيون، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار ڪورنگي ناصر جمپ ويجهو گهرن کي ڊاهڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي عدالت ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) کي وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو.