آچر 18 نومبر 2018ء

سڄي ملڪ ۾ وڻڪاري مهم: وزير اعظم عمران خان ٻوٽو پوکي مهم جو حصو بڻجي ويو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: وفاقي حڪومت جي تحت سڄي ملڪ ۾ اڄ کان هڪ ڏينهن واري وڻڪاري مهم هلائي پئي وڃي ۽ وزيراعظم عمران خان پڻ هرپور ۾ ٻوٽو لڳائي مهم جو حصو بڻجي ويو. وڻڪاري مهم جو عنوان ”پلانٽ فار پاڪستان“ رکيو ويو آهي جنهن جو مقصد زندگي جي مختلف شعبن سان تلعق رکندڙ ماڻهن جي حوصلاافزائي ڪرڻ آهي. حڪومت پاڪستان جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي وڻڪاري مهم جو مقصد عوام، مختلف برادرين، ڪاروباري ۽ واپاري ماڻهن، سول سول سوسائٽي ۽ حڪومت کي گڏل طور تي وڻ پوکڻا آهن. وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد پڻ ٻوٽو پوکيو، وڻڪاري مهم ۾ جهنگلن واري کاتي ۽ پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي سميت 12 کاتا شريڪ آهن جڏهن ته مختلف تعليمي ادارن جا شاگرد پڻ مهم حصو وٺي رهيا آهن. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال صوبي ۾ وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته اڄ بلوچستان ۾ 95 هزار وڻ پوکيا ويا آهن ۽ اها مهم جاري رکي ويندي. ٻئي پاسي ٻئي پاسي ماحولياتي آلودگي ۽ ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ لوئر دير ۾ جهنگلن واري کاتي، فوج، پوليس، ضلعي انتظاميا ۽ مقامي ماڻهن وڻڪاري مهم جي شروعات لوئر دير جي علائقي تيمر گره، ترئي، ميدان ۽ جندول کان ڪئي. ڪمانڊنٽ دير ٽاسڪ فورس ڪرنل شهزاد امير ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر محمد ارشاد خان وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو، پوليس پڻ ان مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سرگرم نظر آئي. ڊي پي او عارف شهباز ماڻهن ۾ ٻوٽا ورهايا ويا جڏهن ته سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جا شاگرد پڻ ان مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهن. وڻڪاري مهم هيٺ پهرين مرحلي ۾ 70 هزار ٻوٽا پوکيا ويندا جڏهن مرحليوار اهو انگ وڌايو ويندو.