سومر 19 نومبر 2018ء

صدارتي ووٽ گهرڻ لاءِ نواز شريف وٽ جيل وڃڻ لاءِ به تيار هئاسين: قمر زمان ڪائره

ويب ڊيسڪ: لاهورپيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمرالزمان ڪائرا جو چوڻ آهي ته پنهنجي صدارتي اميدوار لاءِ ووٽ گهرڻ نواز شريف وٽ جيل وڃڻ لاءِ به تيار هئاسين. لاهور ۾ خورشيد شاهه ۽ اعتزاز احسن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي قمرالزمان ڪائرا چيو ته سياسي سفر ۾ معافيون ناهن گهريون وينديون جيڪڏهن معافي گهرڻ جي روايت هلي ته پيپلز پارٽي کان هر پارٽي کي معافي گهرڻي پوندي. اعتزاز احسن چيو ته شهباز شريف جي خواهش هئي اسان نواز شريف سان ملي وٺون پر ملاقات نه ٿي سگهي ۽ اسان پنهنجي اميدوار لاءِ ووٽ گهرڻ جيل ۾ نواز شريف وٽ وڃڻ لاءِ به تيار هئاسين. هن جو چوڻ هو ته اسان هڪ ٻئي خلاف اليڪشن وڙهي جڏهن ته هاڻ اپوزيشن پارٽين سان اشوز تي گڏ به هونداسين، اسان کي صدارتي اليڪشن وڙهڻي آهي ۽ وڙهنداسين، ڪوشش آهي ته مولانا فضل الرحمان اسان جي ڳالهه مڃي وٺي ۽ هو ڳالهه مڃي ويٺو ته اسان اليڪشن کٽينداسين. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته صدارتي اميدوار اعتزاز احسن سان لاهور آيا آهيون جتي مختلف اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتون ڪنداسين، اعتزاز احسن کان بهتر صدارتي اميدوار نه ٿو ٿي سگهي.