خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

وزير اعليٰ پنجاب پاران صوبي ۾ حددخلين ۽ قبضا مافيا خلاف مهم جو اعلان

ويب ڊيسڪ: لاهور: وزير اعليٰ پنجاب عثمان بزدار صوبي ۾ حددخلين ۽ قبضا مافيا خلاف ڀرپور مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي، عثمان بزدار جو چوڻ آهي ته مهم جي شروعات بااثرن ۽ طاقتور ماڻهن کان ڪئي ويندي ۽ مهم دوران ڪنهن جو به اثر رسوخ برداشت نه ڪيو ويندو.