آچر 18 نومبر 2018ء

آمريڪا پاڪستان جي 30 ڪروڙ ڊالر امداد روڪي ڇڏي

ويب ڊيسڪ: آچر 02 سيپٽمبر 2018ع: آمريڪا پاڪستان کي ڏني ويندڙ ٽيهه ڪروڙ ڊالر جي امداد روڪي ڇڏي، پاڪستان جي امداد روڪڻ جو فيصلو آمريڪي دفاعي وزير جيمز ميٽس ڪيو آهي. آمريڪا پاڪستان کي ڏني ويندڙ 30 ڪروڙ ڊالر امداد روڪي ڇڏي آهي، ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي مد ۾ ملندڙ امداد دهشتگردن خلاف وڏين ڪارروائين سان مشروط هئي. پينٽاگون ترجمان ليفٽيننٽ ڪرنل ڪون فاڪنر موجب پاڪستان پنهنجي رويي سان ثابت ڪيو ته هو سي ايس ايف امداد جو حقدار ناهي. پاڪستان جي امداد روڪڻ جو فيصلو آمريڪي دفاعي وزير جيمز ميٽس ڪيو.