خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

سپريم ڪورٽ پي آءِ اي جي سي اي او جي مقرري ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: سپريم ڪورٽ قومي ايئر لائن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مشرف رسول جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ پي آءِ اي نجڪاري خاص آڊٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت حڪم ڏنو ته مشرف رسول گهربل معيار ۽ قابليت تي پورو نه ٿو لهي ان جي مقرري غير قانوني آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته گذريل ٻڌڻي تي اهو معاملو ڪابينا تي ڇڏيو ويو هو ۽ ڪيبنا موقعو وڃائي ڇڏيو. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته شروعاتي رپورٽ موجب سي اي او جي مقرري قانون موجب ناهي ٿي ان مقرري جو اڃان جائزو وٺي رهيا آهيون. ان دوران پي آءِ اي جي وڪيل نعيم بخاري دليل ڏنا ته سي اي او جي مقرري جي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏئي چڪي آهي ۽ عدالت معاملو ڪابينا کي موڪلي ڇڏيو آهي. جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته مشرف رسول جي مقرري ۾ گائيڊ لائين جي ڀڃڪڙي ٿي، سردار مهتاب مقرري جي عمل ۾ سائل هو، ڇا مشرف رسول جو بورڊ انٽرويو ورتو؟ ايو ايشن جو تجربو به مشرف رسول کي مقرري کان اڳ نه هو. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته پي آءِ اي خساري ۾ هلي رهيو اهي، اهڙن ادارن ۾ وڏو باصلاحيت ۽ جيد ماڻهو لڳڻ گهرجي جڏهن ته مشرف رسول سردار مهتاب جو پي ايس رهي چڪو آهي. عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ مشرف رسول جي چيف ايگزيڪيوٽو پي آءِ اي طور مقرري کي غير قانوني قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.