سومر 19 نومبر 2018ء

وزير اعظم کي آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات نه ڪرڻ گهرجي، ملاقات پروٽوڪول جي خلاف آهي: رضا رباني

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني آمريڪي پرڏيهي وزير جي پاڪستان آمد تي وزيراعظم عمران خان کي ساڻس ملاقات نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته وزيراعظم کي آمريڪي پرڏيهي وزير جي آمد تي سندس ملاقات نه ڪرڻ گهرجي، آمريڪي پرڏيهي وزير سان وزيراعظم سان ملاقات پروٽوڪول جي خلاف آهي تنهن ڪري آمريڪي پرڏيهي وزير جي پنهنجي هم منصب سان ملاقات ٿيڻ گهرجي. اڳوڻي سينيٽ چيئرمين چيو ته وزيراعظم ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير جي ڳالهين جو ٽرانسڪرپٽ پبلڪ ڪيو ويو، ٽرانسڪرپٽ کي پبلڪ ڪرڻ دٻاءَ وجهڻ جو نئون قدم آهي. رضا رباني چيو ته آمريڪا ٻيو ڀيرا پاڪستان جا فنڊ روڪي ڇڏيا آهن، آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خرچن جي رقم ادا نه ڪري رهيو آهي، پاڪستان آمريڪا کان ڪا به امداد نه وٺي رهيو آهي.