سومر 19 نومبر 2018ء

بجلي چورن خلاف ڪارروائي ۽ 3 مهينن ۾ غير قانوني ڪيشن ختم ڪرڻ جو فيصلو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ بجلي چورن جي خلاف فوري ڪارروائي ۽ غير قانوني ڪنيڪشنز 3 مهينن ۾ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس دوران ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا جڏهن ته بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ناڻي واري وزير جي سامهون ڪيتريون ئي تجويزون به سامهون رکيون ويون. اجلاس جي دوران بجلي جي سمورن غير قانوني ڪنيڪشنز ۽ بل نه ڏيندڙن جا ڪنيڪشن به ٽن مهينن ۾ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته بجلي چورن ۽ بل نه ڏيندڙن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. اي سي سي اجلاس جي دوران بجلي جا پري پيڊ ميٽر لڳائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي جنهن تي ڪمپنين کي پري پيڊ ميٽرز تي ڪم ڪرڻ جو چيو ويو آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جي جلاس ۾ ڀاڻ جا ڪارخانا فوري طور تي هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ چيو ويو آهي ته ڀاڻ ڪارخانن مان مقامي ڀاڻ جي ضرورت پوري ڪئي وڃي، جيڪڏهن مقامي پيداوار گهٽ ٿئي ته درآمد جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. ٻئي طرف گردشي قرضن جي حوالي سان چيو ويو ته اهو معاملو وزيراعظم عمران خان جي سامهون رکيو ويندو.