اڱارو 18  سيپٽمبر 2018ع

ميانمار: روهنگيا مسلمانن تي ظلمن تان پردو کڻندڙ ٻن غير ملڪي صحافين کي 7 سال قيد جي سزا

ويب ڊيسڪ: ينگون: ميانمار جي عدالت روهنگيا مسلمانن تي ظلمن بابت حقيقتن تان پڙدو کڻندڙ پرڏيهي خابرو ايجنسي جي ٻن صحافين کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت پرڏيهي صحافين خلاف ملڪي ڳجهن رازن جي ڀڃڪڙي جي قانون جي تحت فيصلو ٻڌايو. فرانسيسي خابرو ايجنسي موجب 32 ورهين جي والون ۽ 28 ورهين جي ڪيئو سو او کي 12 ڊسمبر 2017ع ۾ حراست ۾ ورتو ويو هو. ٻئي صحافي ميانمار جي رياست رخائن ۾ روهنگيا مسلمانن جي نسل ڪشي تي جاچ رپورٽ تي ڪم ڪري رهيا هئا. سزا ٻڌڻ کانپوءِ رپورٽر وا لون چيو مون کي ڪوبه ڊپ ناهي، مون ڪجهه غلط نه ڪيو، مان انصاف، جمهوريت ۽ آزادي تي يقين رکان ٿو. ان حوالي سان ميانمار حڪومت جي ترجمان زائو طي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ميانمار جون عدالتون خودمختيار آهن ۽ اهو ڪيس قانون موجب هلايو ويو آهي. ٻئي طرف گڏيل قومن ميانمار جي عدالت جي فيصلي کي غير منصفاڻو قرار ڏيندي ٻنهي صحافين کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي ايڊيٽر ان چيف اسٽيفن ايڊلر چيو ته اڄ پوري دنيا ۾ صحافت جي آزادي لاءِ ڏکوئيندڙ ڏينهن آهي، هيومن رائيٽس واچ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر فل رابرٽس به ان فيصلي کي صحافت جي آزادي لاءِ بدترين ڌچڪو قرار ڏنو آهي.